حيدرآباد ۾ ناري جو گهر مان لاش هٿ، مڙس تي قتل جو الزام، گرفتار

0
344

حيدرآباد (ن پ ا) حيدرآباد جي ايريگيشن ڪالوني ۾ گهرمان ناري جو لاش هٿ آيو آهي، وارثن پاران سندس مڙس تي قتل جو شڪ ظاهر، واقعي جي اطلاع پوليس پهچي مسمات قرت العين ميمڻ جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري سندس مڙس عمر ميمڻ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، علائقي ۾ چوٻول آهن ته جهيڙي دوران مڙس پاران ڌڪو ڏيڻ تي ناري فرش تي ڪري فوت ٿي وئي، جڏهن ته ناري جا والدين جو چوڻ آهي ته ناٺي سندن نياڻي کي قتل ڪيو آهي، انصاف ڪيو وڃي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.