حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ مختلف ڌرين پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو ويو. ان ڏس ۾ پاڪستان عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد پاران ماڊل ٽائون واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي قانون موجب سزا ڏيارڻ لاءِ پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي يونس قادري، سيد ڪامران پرويز، ناياب انصاري ۽ ٻين چيو ته 7 سال گذري وڃڻ باوجود ماڊل ٽائون واقعي جي شهيدن جي وارثن کي انصاف نه ملي سگهيو آهي. شهيدن جا وارث پنهنجي پيارن جي خون سان انصاف جا منتظر آهن. هنن مطالبو ڪيو ته ماڊل ٽائون واقعي جي ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تي پهچائي شهيدن جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي پاسي معذورن پاران معذور ڪوٽا تحت نوڪريون نه ملڻ خلاف 115هين ڏينهن به پريس ڪلب سامهون محمد خالد سومرو، فاروق احمد چيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال ڪئي. هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته کين معذور ڪوٽا تحت سرڪاري ادارن ۾ نوڪريون ڏئي پريشانين کان بچايو وڃي. هوڏانهن حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي جي ديهه ملڪي جي رهواسڻ گوهر زال لکاڏنو ڀٽي ڀائٽين پاران زمين مان حصو نه ڏيڻ خلاف احتجاج ڪندي الزام هنيو ته سندس ڀائٽيا بلاول، حبدار، عنايت ۽ اياز ڀٽي زمين مان حصو نٿا ڏين ۽ انهن سموري زمين تي مبينا طور قبضو ڪري ورتو آهي. هن چيو ته سندس ماءُ مسمات جنا ۽ پيءُ سومر ڀٽي جي نالي تي 4 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين آهي جنهن ۾ سندس حصو ٿئي ٿو جنهن جا کاتا ٺهرائڻ لاءِ هن ڪيترائي ڀيرا تعلقي مختيارڪار آفيس ۾ درخواستون ڏنيون آهن پر عملدار ڪو به تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.