ڄامشورو (رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي ۾ قائم نيشنل سينٽر آف ايڪسيلينس ان اينالاٽيڪل ڪيميسٽري جي ملازمن غلام اڪبر برفت، شبير سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سينٽر جي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي مطالبن جي مڃتا لاءِ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سينٽر جو نئون ڊائريڪٽر ڊاڪٽر طفيل احمد جي مقرري بعد ملازمن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، ليو انڪيشمينٽ، ملازمن کي پڪو ڪرڻ، رٽائر/ فوتي ملازمن جي اولاد کي نوڪري ڏيڻ، ملازمن کي اپگريڊ ڪرڻ، ڊرائيورن کي اوور ٽائيم ڏيڻ ۽ ايمرجنسي لون سميت ٻيا ڪيترائي ملازمن جا جائز مسئلا آهن جيڪي حل نٿا ڪيا وڃن. ڇهن ڏينهن اندر سينٽر جي ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن ۽ ڊائريڪٽر کي پابند ڪيو وڃي ته هو سينٽر ۽ سينٽر جي ملازمن جي مسئلن طرف ڌيان ڏئي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.