نوشهروفيروز/ٺاروشاهه (رپورٽر) نوشهروفيروز ۽ ٺاروشاهه ۾ سولنگي برادريءَ پاران سولنگي ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌ جي صدر ۽ پ پ اڳواڻ انجنيئر رحمت الله سولنگي جي ميڊيا ٽرائل خلاف مظاهرا ڪيا ويا، سولنگي برادريءَ پاران سوين ماڻھن جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ٺاروشاھ مان نڪتي جيڪا گاڏين تي قافلي جي صورت ۾ پريس ڪلب نوشهروفيروز پهتي، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته مقتول منٺار سولنگي جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ۽ انجنيئر رحمت الله سولنگي خلاف ميڊيا ٽرائل بند ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.