حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد پوليس يومِ عاشوري جي حوالي سان سيڪيورٽي پلان پڌرو ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته 10 محرم الحرام جي ڏينهن 5 هزار عملدار، اهلڪار ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا. مرڪزي ماتمي جلوس سميت شهر جي مختلف علائقن مان لڳ ڀڳ 200 ننڍا وڏا ماتمي جلوس برآمد ٿيندا. ان دوران مختلف عملدارن جي سربراهي ۾ سيڪيورٽي لاءِ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي. مک ماتمي جلوس سان گڏ 1500 عملدار ۽ اهلڪار ڊيوٽي سرانجام ڏيندا جڏهن ته ٻين ننڍن وڏن ماتمي جلوسن لاءِ 1500 اهلڪارن کي پڻ مقرر ڪيو ويو آهي. مک ماتمي جلوس لاءِ 7 هنڌن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويندا جتي پڻ پوليس اهلڪارن سان گڏ ليڊيز پوليس اهلڪارن کي به مقرر ڪيو ويندو ته جيئن جلوس ۾ شامل ٿيندڙ سمورن ماڻهن جي مڪمل تلاشي ڪري کين جلوس ڏانهن ڇڏين. پوليس ترجمان محمد اويس پاران جاري پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مک ماتمي جلوس جي نگراني لاءِ مختلف هنڌن تي سي سي ٽي وي ڪئميرا لڳايا ويا آهن جنهن جو ڪنٽرول روم ايس ڊي پي او سٽي آفيس ۾ قائم ڪيو ويو آهي جڏهن ته جلوس جي گذرگاهن تي جلوس کان پهرين بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۽ تربيت يافته ڪتن جي مدد سان جائزو ورتو ويندو. جلوس بعد تعزيه جلوس ڪڍيو ويندو جنهن جي سيڪيورٽي لاءِ پڻ 700 اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. جلوسن بعد شامِ غريبان منعقد ٿيندي جنهن لاءِ پڻ امام بارگاهن تي ساڍا 600 اهلڪار ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا. ترجمان جي دعويٰ آهي ته ايس ايس پي پاران يومِ عاشور جي ڏينهن امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ ضلعي ۾ داخلي توڙي خارجي رستن ۽ اهم شاهراهن تي پوليس پڪٽون قائم ڪري اتي به اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويندو جڏهن ته اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ 150 جي لڳ ڀڳ عملدار ۽ اهلڪار ريزو ۾ رکيا ويا آهن ته جيئن صورتحال تي ضابطي لاءِ کين فوري طور تي طلب ڪري سگهجي.