حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي راڄ تحريڪ پاڪستان پاران شهر ۽ ٻهراڙين ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.. ان موقعي تي مهراڻ ڀٽو، راشد چانڊيو، علي احمد دل، مجيب علي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته قاسم آباد ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ عوام کي ڪا به سهولت معيسر نه آهي جڏهن ته ڊرينيج سسٽم ناڪاره بڻيل هئڻ، ۽ صاف پاڻي نه هجڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو مختلف بيمارين جي ور چڙهي ويا آهن، هنن چيو ته قاسم آباد جي ڳوٺ محمد خان باگراڻي, ڳوٺ ٻڍو پالاري سميت ٻين علائقن ۾ ڪا به سهولت معيسر ناهي, جڏهن ته هر سال ڪروڙين رپين جا فنڊ اچن ٿا ان باوجود شهر ۽ ٻهراڙي وارا علائقا کنڊر بڻجي ويا آهن هنن چيو ته ٻهراڙين ۾ سالڊ ويسٽيج ۽ پلاسٽڪ جي خراب ٿيلهين جا ڍير نظر اچن ٿا جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ صاف پاڻي جي فراهمي نالي ماتر ٿي رهي آهي، هنن چيو ته شهر ۽ ٻهراڙين جو ڊرينيج سسٽم مڪمل تباهه آهي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي نه آهي روزيدار ماڻهو سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته انتظاميا شهر کي نڌڻڪو بڻائي ڇڏيو آهي گئس ۽ بجلي جي پڻ وڏي کوٽ آهي، ڳوٺن ۾ تعليم توڙي صحت جي ڪا سهولت نه آهي، ٽنڊو قيصر ۽ ٻين علائقن ۾ آر او پلانٽ بند پيا آهن ۽ پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي ڪارڪردگي پڻ افسوسناڪ آهي. هنن بااختيار ادارن کي اپيل ڪئي ته حيدرآباد شهر ۽ ٻهراڙي وارن علائقن جا بنيادي مسئلا حل ڪري غريب ماڻهن کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ کي وڌايو ويندو.