بڇيري (ن پ ا) بڇيري شھر ۾ صفائي نه ٿيڻ ڪري گٽر ناليون اٿلڻ لڳيون، شھر ۾ صفائي نه ھئڻ ڪري شھري تمام گهڻين پريشانين کي مُنهن ڏئي رهيا آهن. انهيءَ موقعي تي شھرين اياز علي زرداري، محمد اقبال سھتو، عبدالرحيم سعد، نعمان خان سعد ۽ جاويد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شھر ۾ گٽرن جي صفائي نه ھئڻ ڪري شھر جون ناليون اٿلڻ لڳيون آھن ۽ گلين ۽ مين روڊن تي گندگيءَ جا ڍير لڳي ويا آھن. ڪيترائي ڀيرا ٽائون انتظاميه کي اطلاع ڏنو آھي پر اھي ٻڌڻ لاءِ تيار نه آھن، شھر ۾ گندگي وڌڻ ڪري مڇرن جو آزار وڌي ويو آھي ۽ گيسٽرو جهڙي موذي مرض پڻ مُنهن ڪڍيو آھي. شھرين اسسٽنٽ ڪمشنر دوڙ ۽ ٽائون آفيسر بڇيري کان پرزور اپيل ڪندي چيو آهي ته شھر جي نالين جي صفائي ڪرائي مڇر مار اسپري ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.