حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد اي ايس پي ڪينٽ اياز حسين کي ٻيهر ٽنڊو آدم بدلي ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته حالي روڊ جي ڊي ايس پي کي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد ڊاڪٽر جميل احمد پاران جاري ڪيل آرڊر مطابق اي ايس پي ڪينٽ اياز حسين کي بدلي ڪري سانگهڙ ضلعي جي ٽنڊو آدم سب ڊويزن جو ايس ڊي پي او مقرر ڪيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ اياز حسين کي ساڳئي هنڌ بدلي ڪيو ويو هو پر بعد ۾ سندس آرڊر رد ڪيو ويو هو ۽ هاڻي ٻيهر سندس بدلي ڪئي وئي آهي. ايس ڊي پي او حالي روڊ حيدرآباد اورنگزيب عباسي کي ايڊيشنل آءِ جي آفيس ۾ رپورٽ ڪرائي وئي آهي جڏهن ته ايس ڊي پي او ٽنڊو آدم مان لياقت علي ٽالپر کي ايس ڊي پي او حالي روڊ مقرر ڪيو ويو آهي.