بڪيراشريف (ن پ ا) بڪيراشريف ويجهو ڳوٺ موسيٰ خان پتافي ۾ ٽي ڏينهن اڳ قتل ڪيل نوجوان اياز پتافي جي وارثن سان انصاف نه ٿيو. بااثر خون لوڙهڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن. قتل ڪيل نوجوان اياز پتافي جي وارثن غلام رسول پتافي، عباس پتافي، فاروق پتافي، غلام مرتضيٰ پتافي، سمر پتافي، ڌڻي بخش پتافي، حاجي سارنگ پتافي، ممتاز علي، حبيب پتافي، غلام حسين پتافي، پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي نوجوان اياز پتافي کي گهران گهرائي ڳوٺ ٻاهران رات جي اونداهي ۾ ڇرين سان سورهن وار ڪري بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي، واقعي کي ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود چونڊيل نمائندا توڙي انتظاميا اسان وٽ تڏي تي پهچي عذر خواهي لاء به ناهن پهتا. ڳوٺ جا ڪجهه بااثر وڏيرا اسان جي نوجوان جو خون لوڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته هڪ جوابدار اظهر پتافي کي پوليس بروقت جاءِ واردات کان گرفتار ڪري ورتو پر ٻيو جوابدار حسنين پتافي جنهن سنڌ هاء ڪورٽ مان 7 ڏينهن جي ڪچي ضمانت ڪرائي ورتي آهي، جڏهن ته بڪيراشريف پوليس هڪ نامعلوم جوابدار کي بچائڻ چاهي ٿي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي.