سن (ن پ ا) سن ڀرسان ڳوٺ قبي ۾ پٽ پنهنجي پيرسن ماءُ تي وحشياڻو تشدد ڪري مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويو. ان ڏس ۾ نافرمان پٽ منظور علي اوچتو پنهنجي پيرسن ماءَ کي لٺيون هڻي ٻانهن ڀڃي ڇڏي. جنهن کي بعد ۾ مانجهند اسپتال آندو ويو جتان کيس حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. منظور علي جي پيءُ ٻڌايو ته پنهنجي پٽ خلاف مانجهند ٿاڻي تي فرياد داخل ڪرائڻ جي لاءِ پهتس ته پوليس ڪيس داخل نه ڪيو۽ واپس ڪري ڇڏيو. پيرسن خدابخش برهماڻي پنهنجي پٽ اعجاز سان گڏجي سخت احتجاج ڪندي چيو ته هن چيو ته پٽ جي تشدد سبب زال جي ٻانهن به ڀڄي پئي ۽ بيهوش ٿي وئي. هن مطالبو ڪيو ته اسان کي پٽ مان جان جو خطرو آهي . ان تي ڪيس داخل ڪري اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.