حيدرآباد جي سحرش نگر مان گذريل ڏينهن پراسرار نموني گم ٿيل 8 ورهين جي علي گوهر جو لاش هٿ آيو آهي، اطلاع تي پوليس لاش سول اسپتال منتقل ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته نينگر جو لاش ڳوٺ ۾ قائم پاڻي جي تلاءَ مان مليو آهي، نينگر ڪالهه گم ٿيو هو، وارثن رات دير سان رپورٽ داخل ڪرائي هئي،