حيدرآباد: ٽنڊو ولي محمد واري علائقي مان نوجوان مبينا گم

0
132
ٽنڊو آدم ۽ ميهڙ ۾ مبينا پوليس

حيدرآباد(ن پ ا) ٽنڊو ولي محمد واري علائقي مان نوجوان گم ٿي ويو، جنهن جي سخي پير ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي وئي آهي، هڪ مهيني دوران مختلف علائقن مان 3 نوجوان گم ٿيڻ بعد شهرين ۾ خوف ڇائنجي ويو آهي، گم ٿيل نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته 27 جولاءِ تي رات جو نوجوان ياسر مصطفيٰ سومرو کي موبائيل تي فون آئي جنهن بعد هو گهران ٻاهر نڪتو، 2 ڏينهن گذرڻ باوجود هن جو ڪٿي به ڏس پتو ناهي، جڏهن ته ٽنڊو آغا مان 25 ڏينهن اڳ گم ٿيل سجاد هاليپوٽو جو پتو نه پيو، 12 جولاءِ تي گم ٿيل ٻڍو پالاري واسي ٽيڪسي ڊرائيور شهباز گوپانگ به اڃا تائين لاپتا آهي، سندس زاهد گوپانگ جو چوڻ آهي ته ڀاءُ کي گم ٿئي 17 ڏينهن گذري ويا آهن پر پوليس سندس ڳولا نٿي ڪري.