سکر: ٽن استادن پاران مبينا جنسي ھراسان جو شڪارشاگردياڻي انصاف لاءِ دربدر

0
1029
ٽن استادن پاران مبينا جنسي

سکر(بيورو رپورٽ) ٽن استادن پاران ڏهين ڪلاس جي شاگردياڻي کي مبينا جنسي هراسان ڪرڻ وارو مامرو، ٻن سالن کان دربدر عليزا حطار انصاف لاءِ ايڊيشنل آءِ جي آفيس پهتي، ايڊيشنل آءِ جي نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏيندي ڊي ايس پي غلام علي جماڻي کي جاچ آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو، متاثر شاگردياڻي دانهيو آهي ته 2019ع ۾ استادن نديم، غلام شبير ۽ غلام رسول جنسي طور حراسان ڪيو، مون زهر پي آپگهات جي ڪوشش ڪئي جنهن ڪري ٽن ڏينهن تائين وينٽي ليٽر تي هيس، والده خودڪشي جو ڪارڻ پڇيو ته جنسي حراسان جي شڪايت ڪئي، متاثر شاگردياڻي جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل ڪرايو جيڪو عدالت ۾ ڪيس هلندڙ آهي، تعليم تباهه ٿي وئي، هاڻي به مون کي جنسي حراسان ڪرڻ ۽ تيزاب هارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻئي طرف ڊي ايس پي غلام علي جماڻي جو چوڻ آهي ته اڄ کان معاملي جي جاچ شروع ڪئي آهي.