حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ويجھو ڳوٺ سنجر ملاح ۾ 8 ورهين جي نينگري مبينا طور اغوا بعد زيادتي جو شڪار، وارثن نينگري کي بازياب ڪرائي الزام هيٺ نوجوان کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته قاسم آباد جي ڳوٺ سنجر ملاح ۾ 14 مئي تي گهران شيءَ وٺڻ لاءِ نڪتل 8 ورهين جي نينگري فاطمه عرف صائمه ڌيءُ عبدالله ملاح کي سندس پاڙي ۾ رهندڙ نوجوان اسلم ماڇي مبينا طور تي اغوا ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو هو نينگري جي پاڙيسري ارشد ملاح موجب ته نينگري کي ٻئي ڏينهن نوجوان وٽان هٿ ڪري کيس سوگهو ڪرڻ بعد نسيم نگر پوليس حوالي ڪيو ۽ پوليس کي ڪيس داخل ڪرڻ جو چيو پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان لنوائيندي رهي. گذريل رات دير سان وارث متاثر نينگري کي ساڻ وٺي نسيم نگر ٿاڻي پهتا جتي انهن احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. رابطو ڪرڻ تي نسيم نگر ٿاڻي جي ايس ايڇ او فيض علي شاهه تصديق ڪئي ته نينگري جي وارثن جي اسرار تي واقعي جو ڪيس داخل ڪري نينگري کي ليٽر ڏئي ميڊيڪل لاءِ اسپتال روانو ڪيو ويو آهي. ايس ايڇ او موجب الزام هيٺ آيل شخص پوليس جي تحويل ۾ آهي جنهن کان پڇا ڳاڇا جو سلسلو جاري آهي. هوڏانهن سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ حسنه راهوجو، عريشا راهوجو ۽ عليشا جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد متاثر خاندان سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻن همدردي جو پڻ اظهار ڪيو آهي. سنڌياڻي تحريڪ جي عورت اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدار کي سخت سزا ڏني وڃي.