حيدرآباد: مڙس پاران ٻار وڪرو ڪرڻ ۽ تشدد خلاف عورت پريس ڪلب پهچي وئي، دانهون

0
147

حيدرآباد: مڙس پاران ٻار وڪرو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سجاول ضلعي جي بٺورو تعلقي جي رهواسڻ عورت مڙس پاران ٻار وڪرو ڪرڻ ۽ تشدد خلاف پريس ڪلب پهچي وئي

متاثر عورت شميم ميمڻ جو چوڻ آهي ته مڙس گلزار ميمڻ ٽي ڏينهن اڳ معصوم نينگري گلناز کي وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي منهنجي انڪار تي تشدد جو نشانو بڻائي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي

هن چيو ته ٻه ڏينهن اڳ 5 معصوم ٻارن سميت درگاهه بلڙي شاه ڪريم تي رهيس جتان ٻيهر رات دير سان مڙس ٻارن کي مبينا اغوا جي ڪوشش ڪئي

هن چيو ته مڙس بيروزگار آهي ان لاءِ هن هفتو اڳ ڄاول معصوم نينگري وڪرو ڪري فروٽن جو ريڙهو لڳائڻ جي ضد ڪئي، ڪپڙن تي ڀرت ڀري ۽ رليون سبي ٻارن جو گذر سفر ڪريان ٿي ٻار وڪرو نه ڪنديس

هن ايس ايس پي سجاول ۽ ٻٺورو پوليس کان مطالبو ڪيو آهي ته ظالم مڙس گلزار ميمڻ خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

خيرپور: فنڪاره ممتاز ڪنول مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن جي ضمانت رد، فرار