خيرپور: فنڪاره ممتاز ڪنول مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن جي ضمانت رد، فرار

0
193

خيرپور (ن پ ا) خيرپور جي عدالت مشهور فنڪاره ممتاز ڪنول مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، جوابدار عدالت کي چڪمو ڏئي فرار ٿي ويو، فنڪارهو پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي تحفظ فراهم ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي

فنڪاره ممتاز ڪنول تي حملي ۾ ملوث جوابدار علي شير ڏهوٽ، محمد علي، عديل ۽ عادل ڏهوٽ فورٿ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ پهتا ته عدالت سندن ضمانت رد ڪري ڇڏي ان دوران جوابدار عدالت کي چڪمو ڏئي فرار ٿي ويا

ممتاز ڪنول پريس ڪلب خيرپور پهچي احتجاج ڪندي چيو ته جوابدارن مان جاني مالي نقصان جو خطرو آهي، جوابدارن جي خوف کان اسان جا ٻار اسڪول به نٿا وڃي سگهن، عدالت مان فرار ٿي ويل جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي