ڪراچي مان وڌيڪ هڪ ڇوڪري لاپتا، پوليس کي اطلاع

0
281

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان وڌيڪ هڪ ڇوڪري لاپتا ٿي وئي، جنهن جي وارثن پوليس سان رابطو ڪري ورتو، سولجر بازار مان 25 ورهين جي دينار لاپتا ٿي وئي، دينار جي ڀيڻ سولجر بازار ٿاڻي تي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

درخواستگذار چيو ته منهنجي ڀيڻ دينار 22 اپريل تي ٽيوشن پڙهائڻ وئي، جنهن بعد واپس نه موٽي، ڀيڻ جو موبائل فون به بند آهي سندس ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي، پوليس چيو آهي ته دينار جي موبائيل فون متعلق تفصيل هٿ ڪريون پيا، وارثن في الحال ڪيس داخل ڪرائڻ کان منع ڪيو آهي

جروار: 5 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ڄاڻايل ٻه ڀينرون پنجاب مان هٿ

ٻئي پاسي جروار ويجهو پنج ڏينهن اڳ مبينا اغوا ڄاڻايل ٻن ڀينرن کي جروار پوليس پنجاب مان هٿ ڪري ورتو، جروار جي ڳوٺ صاحب لنڊ مان پنج ڏينهن اڳ مبينا اغوا ڄاڻايل صدفه لنڊ ۽نغمه لنڊ کي جروار پوليس پنجاب جي شھر رحيم يار خان مان هٿ ڪري ورتو آھي

جروار پوليس موجب ٻنهي ڀينرن کي هٿ ڪيو آھي جن کي عدالت ۾ پيش ڪنداسين، عدالت جيڪو حڪم ڏيندو ان تي عمل ڪنداسين

ھي به پڙھندا

ڪراچي مان لاپتا ٿيل دعا زهره لاهور مان ملي وئي