ڪراچي مان گم ٿيل دعا زھره جو پتو لڳايو ويو، نڪاح به ڪري ورتو

0
470

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ڪراچي جي علائقي گولڊن ٽائون مان 10 ڏينهن اڳ مبينا گم ٿيل 14 ورهين جي ڇوڪري دعا زهرھ جو پتو لڳايوويو آھي

ذريعن موجب دعا زهرا لاهور ۾ پوليس کي بيان ڏنو آهي ته هوءَ پنهنجي مرضيءَ سان ڪراچي کان لاهور آئي آهي، جڏهن ته پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته دعا لاهور واسي نوجوان سان نڪاح ڪيو آهي، دعا کي پنهنجي حفاظتي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي

نڪاح نامي موجب دعا 17 اپريل تي ئي نڪاح ڪيو، دعا لاهور جي شير شاهه واري علائقي جي رهواسي 18 سالن جي ظهير احمد سان نڪاح ڪيو

پوليس موجب نڪاح نامي تي ڪنوار جي صحيح واري جاءِ تي انگريزي ۾ صرف زارا لکيل آهي، نڪاح نامي جي تصديق ڪرائي ويندي

جڏھن تھ دعا بابت ڊي آءِ جي آپريشنز جو چوڻ آھي تھ دعا زھرھ جي ملڻ وارين خبرن ۾ صداق ناھي، لاھور پوليس کي ڪراچي پوليس نڪاح فراھم ڪيو آھي

جروار ڀرسان پرڻيل عورت مبينا طور اغوا، ڪيس داخل

ٻئي پاسي يارولنڊ  ويجهو شادي شده عورت مبينا طور اغوا ٿي وئي جنهن جو يارولنڊ لنڊ ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيوويو آهي

يارولنڊ ٿاڻي جي حد ڳوٺ نهنڊي مان شادي شده عورت ڪنيزان زال گلزار لنڊ مبينا طور اغوا ٿي وئي، اغوا ڄڻايل عورت جي مڙس گلزار لنڊ جي فرياد تي ٻن ڄڻن ممتاز لنڊ ۽نعيم لنڊ مٿان اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو

فريادي  ڪيس ۾ ڄڻايو ته منهنجي زال سعودي عرب رهندي هئي 2مهينا اڳ واپس آئي هئي  ڄڻايل جوابدارن اسان کان پئسه گهريا نه ڏيڻ تي هنن منهنجي زال کي اغوا ڪري کڻي ويا آھن

ھي به پڙھندا

https://thetimenews.tv/%da%aa%d8%b1%d8%a7%da%86%d9%8a-%d9%85%d8%a7%d9%86-%d9%84%d8%a7%d9%be%d8%aa%d8%a7-%d9%bf%d9%8a%d9%84-%d9%86%d9%85%d8%b1%db%81-%d8%ac%d9%8a-%d8%a8%d9%87-%d8%ae%d8%a8%d8%b1-%d9%be%d8%a6%d8%ac%d9%8a/