سنڌ حڪومت پاران عوام کي سستو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ بچت بازار لڳائڻ جو اعلان

0
294
ڇهين آدمشماري ۾ سنڌ سان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏو وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪافي تبديليون اچي چڪيون آهن، وزير به تبديل ٿي ويا، سڀ کان پهرين اڳين حڪومت جنهن بابت چوندا هئاسين بي حس ۽ غريب دشمن اها ثابتي به ملي وئي ۽ نئين وزير اعظم جي تقرير ۾ ان جو ذڪر به ٿيو

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته آصف زرداري ۽ بلاول جي هدايت تي مزدور اجرت 25 هزار ڪئي ان تي اڳ واري حڪومت عمل نه ڪيو ۽ اسان جي فيصلي تي صنعتڪار عدالت هليا ويا جنهن جو جواز اسان وٽ نه هو

هن چيو ته وزير اعظم شهباز شريف جي اچڻ کان اڳ ساڻس ڳالھ ٻولهه ٿي تجويز ۾ اهو نڪتو ساڻس ڊسڪس ٿيو، شڪر گذار آهيان وزيراعظم اسان جي تجويز تي قبول ڪري عمل ڪيو ۽ هاڻي سڄي ملڪ ۾ مزدور جي پگهار 25 هزار هوندي، قانوني گهرجون  پوريون ڪرڻ لاءِ کاتي کي هدايت ڪئي هاڻ ڪو به جواز ناهي ته ڪير ان کان انڪار ڪري

هن چيو ت عمران خان هاڻ عدم اعتماد بعد گهڻيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، کيس ٻڌايان ٿو هو بي حس ۽ ان کي عوام جو احساس نه هو، هن چيو ته عوام کي سستو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ ڪراچي، حيدرآباد، سکر شهيد بينظير آباد ۽ ٻين شهرن سستو بازار لڳائينداسين جنهن ۾ اٽو 4 سئو روپيا ڪلو جي حساب سان ڏينداسين

هن چيو ته ڪراچي سوڌو سڄي سنڌ ۾ بدترين لوڊ شيڊنگ جاري آهي، ڪي اليڪٽرڪ جي ايم ڊي کي تنبيهه ڪئي آهي ته لوڊ شيڊنگ ڇو ٿي ٿئي، خاطري ڪرائي وئي آهي ته لائن لاسز تي لوڊ شيڊنگ نه ٿيندي، هن چيو ته ميهڙ ۾ جيڪو باهه جو واقعو پيش آيو اسان 36 ڪلاڪن ۾ متاثرين کي چيڪ ڏنا آهن، باقي قيمتي جانين جو ڪو به ازالو ناهي

ھي به پڙھندا

شهباز شريف ملڪ ۾ بدترين لوڊشيڊنگ جو ذميوار به پي ٽي آءِ کي قرار ڏئي ڇڏيو