شهباز شريف ملڪ ۾ بدترين لوڊشيڊنگ جو ذميوار به پي ٽي آءِ کي قرار ڏئي ڇڏيو

0
247
شهباز شريف ملڪ ۾ بدترين

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف عمران خان جي وڃڻ کانپوءِ ملڪ ۾ شروع ٿيل بدترين لوڊشيڊنگ جو ذميوار به پنهنجي حڪومت بجاءِ پي ٽي آءِ حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي

پنهنجي هڪ بيان ۾ شهباز شريف چيو ته نواز شريف جي حڪومت ۾ لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو هو پر پر پي ٽي آءِ حڪومت وقت تي تيل خريد نه ڪيو ۽ پاور پلانٽس جي مرمت نه ڪئي

هن چيو ته لوڊشيڊنگ جو سبب وقت تي پيٽرول خريد نه ڪرڻ ۽ پاور پلانٽس جي مرمت نه ڪرڻ آهي، هن وڌيڪ چيو ته بجلي جي مهانگي پيداوار شهرين تي 100 ارب رپيا ماهوار بارجو سبب آهي، اسان لوڊشيڊنگ جي معاملي کي درست ڪري رهيا آهيون

ھي به پڙھندا

فوج عوام جي راءِ جو قدر ڪري ٿي، جلد امپورٽڊ حڪومت کان جان ڇٽي ويندي: شيخ رشيد