ٽاپ ٽرينڊ سائين جي ايم سيد جي ورسي: سوشل ميڊيا تي ڀيٽا پيش

0
167
ٽاپ ٽرينڊ سائين جي ايم سيد جي ورسي: سوشل ميڊيا تي ڀيٽا پيش

جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي ورسي جي موقعي تي سوشل ميڊيا تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ٽربيوٽ ٽو سائين جي ايم سيد ٽرينڊ هلايو ويو، جنهن ۾ سائين جي ايم سيد جون تصويرون، تقريرون ۽ ڪتاب ۽ سندس ڪردار بابت مختلف شخصيتن جا جملا شيئر ڪري سائين جي ايم سيد کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ان سلسلي ۾ خانزادي ڪپري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سائين جي ايم سيد چيو آهي ته قوم کي ڪردار ڏيو قوم اوهان کي تاريخ ڏيندي، اهو به چيو آهي ته قومن جي قسمت جا فيصلا جنگ جي ميدان ۾ نه پر تعليمي درسگاھن ۾ ٿيندا آھن. شبير سومرو سائين جي ايم سيد جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته جان جان ھئي جيئري، ورچي نه ويٺي، نند عبدالواحد آريسر جا جملا شيئر ڪيا ته هي عجيب ڳالهه آھي ته سائين جي ايم سيد کي زندگي ۾ سنڌي ماڻھن گھربل موٽ نه ڏني، پر اڄ ڪشمور کان ڪارونجھر تائين نجي محفلن  ۽ ڪچھرين ۾ جيترو ذڪر سيد جو ھلي ٿو، اوترو شايد ئي ڪنھن ڪامياب سياستدان جو ھلندو ھجي. حق ابڙو لکيو ته سائين جي ايم سيد کي بنا ڪنهن ڪيس جي 30 سال قيد ۾ رکيو ويو، حراست دوران ئي 1995ع ۾ هن جو وڇوڙو ٿيو، ايمنسٽي انٽرنيشنل کيس ضمير جو قيدي قرار ڏنو.

نائلا وسيم پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سائين جي ايم سيد چيو آهي ته هر قوم کي پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت هوندي آهي قومن جو وجود سنڌن ٻولي زندهه هئڻ سان رهي ٿو، سلمان شيرازي به سائين جي ايم سيد جا لفظ شيئر ڪيا ته زندگي هڪ زبردست رقص آهي، جيتري خوشي ادائگي ٿيندي اوترو ئي بهتر ٿيندو، عامر انصاري وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته پنجويهن اپريل رھبرِ سنڌ سائين جي ايم سيد جي ستاويهن ورسي جي ڏھاڙي تي پوري سنڌي قوم کي قومي سرخ سلام پيش ڪجي ٿو، سائين جي ايم سيد چيو هو ته سنڌ قدرت جو جوڙيل آهي، فطري وطن آهي اُن کي مٽائڻ وارا پاڻ تباھه ٿي ويا. همٿ مغيري لکيو ته سائين جي ايم سيد چيو هو ته آئون اهڙي فتح جو منتظر آهيان جيڪا صدين جي شڪستن جا داغ ڌوئي ڇڏي. جڏهن ته مرڪ الاهي بڪڪ، قاضي آصف، عادل، ريحانه ميمڻ، حسيب سنڌي، سالار راهوجو، ڊاڪٽر ارباب علي تنيو، صدام ڪولاچي، سليم سنڌي، دريا خان، آزاد ڪونج، علي ڪيريو، دانش بالاڻي، نواز مڱريو، سعيد سانگري، مرتضيٰ زنگيجو، غمشاد علي، اعجاز علي، سنجها چنه، وجاهت حسين، ظهير جهرڪ، فيصل ڏهراج، خالد حسين، رابيل سيال، بلاول زنگيجو، اقصيٰ ڪينجهر جمالي، ارمان الهداد ڪنڀر، استاد راهي، پرمانند ميگهواڙ، آصف باغي، سنديش ڪمار، هريش سکيجا ۽ ٻين پڻ سائين جي ايم سيد جي حوالي سان مواد شيئر ڪيو.