ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪاره ۽ ڊرامه انڊسٽري جي اڀرندڙ اداڪاره در فشان انڪشاف ڪيو آهي ته هن هڪ مشهور هوٽل تان مصلو چوري ڪيو هو. اداڪاره در فشان ۽ اداڪار ميڪال ذوالفقار هڪ خانگي ٽي وي چينل جي شو ۾ ميزبان ندا ياسر سان ڳالهائيندي چيو ته هن مشهور هوٽل مان ڪافي نرم نظر ايندڙ مصلو چورايو هو. ٻئي پاسي ميڪال کِلندي در فشان کي چيو ته ڇا توکي مصلو چوري ڪندي ٿورو به شرم نه آيو، جنهن جي جواب ۾ اداڪاره چيو ته مون کي لڳي ٿوته ان جو شايد الله تعاليٰ حساب نه وٺي، ڇو جو ان تي مون کي نماز پڙهڻي هئي. ميڪال چيو ته در فشان ڏسجان هي ڪلپ تنهنجو انٽرنيٽ تي وائرل ٿي ويندو.