حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد سميت مختلف ضلعن ۾ منشيات جي وڪري وارن الزامن بابت انڪوائريز کي  منهن ڏيندڙ سي آءِ اي انسپيڪٽر منير عباسي هڪ مهيني جي موڪل وٺي ڇڏي. ذريعن جو چوڻ آهي ته منير عباسي پرڏيهه وڃڻ لاءِ موڪل ورتي آهي. جيڪو هاڻي ايندڙ مهيني 2 آڪٽوبر تي ٻيهر پنهنجي ڊيوٽي جوائن ڪندو. پوليس ذريعن تصديق ڪئي آهي ته ايس ايس پي عبدالسلام شيخ سي آءِ اي انسپيڪٽر جي موڪل منظور ڪندي سندس جاءِ تي بهار الدين ڪيريو کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ذريعن موجب منير عباسي خلاف مختلف الزامن جي جاچ هلندڙ آهي. ڪجهه عرصو اڳ هن شهيد بينظير آباد ضلعي مان منشيات سان ڀريل هڪ ٽرالر تحويل ۾ وٺي ان ۾ پيل منشيات غائب ڪري ڇڏي هئي. ان کان علاوه حيدرآباد ۾ شهرين کي کنڀي گم ڪرڻ سميت سريگهاٽ مان هڪ ناري کي مبينا دوستي نه رکڻ تان گرفتار ڪري چرس ڪيس ۾ چالان ڪرائڻ واريون انڪوائريون به هلندڙ آهن پر تنهن باوجود هو موڪل وٺي مبينا طور پرڏيهه وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي.