حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ گهران سڏي مبينا اغوا ڪيل نوجوان جو پتو نه پئجي سگهيو، 4 جولاءِ تي نامعلوم ماڻهن ٽنڊو مير محمد اولڊ پاور هائوس واسي 19 سالن جي سجاد هاليپوٽو ولد منظور هاليپوٽو کي گهران سڏي پاڻ سان وٺي ويا، 19 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس نوجوان جو پتو لڳائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، جڏهن ته وارثن پاران ڦليلي ٿاڻي تي ڪيس پڻ داخل ڪرايو ويو آهي، وارثن جي ڳولا باوجود نوجوان جو پتو نه پئجي سگهيو آهي، ان حوالي سان نوجوان جي وڏي ڀاءُ رياض حسين ٻڌايو ته ننڍو ڀاءُ ماني کائي رهيو هو ته ٻاهر دروازي تي سڏ ٿيو، ٻاهر ويو ته واپس نه موٽيو، هن چيو ته 19 ڏينهن ٿيا آهن ڀاءُ جو ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آهي، پوليس به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڀاءُ کي بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.