ڪنري (ن پ ا) ڪنري ڀرسان 18 ڏينھن اڳ قتل ڪيل عورت مديحا آرائين قتل معاملو، ڪيس ۾ گرفتار ٽئي جوابدار عدالت ۾ پيش، رمانڊ تي پوليس حوالي. 18 ڏينھن اڳ ڪنري ويجھي ڳوٺ بابو اقبال آرائين ۾ ڪھاڙيون ھڻي بيدردي سان قتل ڪيل عورت 27 ورھين جي مديحا ڌيءَ راجا سجاد جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ٽن جوابدارن عورت رضيا ڪنڀار، سندس مڙس وڪيو ڪنڀار ۽ پٽ بلاول ڪنڀار کي رمانڊ پورو ٿيڻ تي ٻيهر سامارو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت سڳوري جوابدارن کي وڌيڪ چار ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت ٻنھي ڌرين جي وڪيلن کي ٻڌڻ کان پوءِ جوابدارن کي 26 تاريخ تائين پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي جوابدار ڌر جي وڪيل ڪورٽ کي ٻڌايو ته پوليس کي نالا ڏيڻ جي باوجود به غير جانبدار شاھدن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ تيار نه آھي، جنھن تي عدالت پوليس آفيسر کي ھدايت ڪئي ته دوران جاچ ٻنھي ڌرين جو موقف تسلي سان ٻڌو وڃي. عدالت ۾ پيشي تي آيل پوليس آفيسر ٻڌايو ته جاچ آفيسر جي طبيعت سھي نه آھي ان ڪري پيش نه ٿي سگھيو آهي جنھن تي عدالت ھدايت ڪئي ته چار ڏينھن جي اندر سڀني رخن کان جاچ ڪري ڪيس جي فائينل رپورٽ پيش ڪئي وڃي. عدالت سڳوري شاھدن جي بيانن، جاچ آفيسر جي بدلي، جوابدارن جا بيان وارين ٻنھي ڌرين جي ڏنل درخواستن کي پڻ عدالت 26 تاريخ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. ياد رھي ته ناري جو قتل ڪيس سندس چاچي راجا وحيد جي فرياد تي ڪيس ۾ گرفتار ھڪ ئي گھر ڀاتين ٽن ڄڻن خلاف داخل ڪرايو هو.