ڪنب (ن پ ا) عيد ڏهاڙي تي ڪنب ٿاڻي جي حد ميرواهه پل ڀرسان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل غلام حسين چانڊيو جي قتل جو ڪيس ڪنب ٿاڻي تي سندس والد محمد پنڃل جي فرياد تي 6 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آھي، جوابدارن ۾ سليم ،قائم ،محراب چانڊيو،هوت خان،جبل،۽ غوث بخش چانڊيو شامل آھن، مقتول جي والد محمد پنڃل فرياد ۾ ڄاڻايو آھي ته ڏيڍ سال اڳ منهنجي پٽ سليم چانڊيو جي ڌي سان ڪورٽ مئريج ڪئي هئي، جنهن تي هو ڏمريل هئا ۽ منهنجي پٽ کي قتل ڪيو ويو.