حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ طرفان اڳواڻن کي 11 جولاءِ تي سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ ڪراچي ۾ ٿيندڙ سيمينار جون دعوتون ڏنيون ويون، ان سلسلي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئر نائب صدر عبدالقادر رانٽي، نيشنل پارٽيءَ جي سربراھ بلوچ اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ، پنجاب جي ترقي پسند اڳواڻ سرور باري فاروق طارق، فادر يونس، پاڪستان سرائيڪي پارٽي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر نخبه لانگاھ ۽  ملڪ الهنواز سان رابطا ڪري ملڪي صورتحال ۽ خاص طور بحريا ٽائون جي زيادتين خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي طرفان 6 جون تي هنيل ڌرڻي کان پوءِ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ گرفتارين واري صورتحال سميت سنڌ جي سر زمين تي مختلف اسڪيمن ۽ منصوبن تحت قبضا ڪري سنڌين سان فلسطينين واري حالت ڪرڻ واري صورتحال تي تفصيلي ڳالھه ٻولھه ڪئي، ان موقعي تي سمورن اڳواڻن 11 جولاءِ تي عوامي تحريڪ طرفان ٿيندڙ سيمينار ۾ شرڪت ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.