ڪراچي (م ڊ) سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته زين شاهه جي گرفتاري ايس يو پي جي حڪمت عملي تحت ٿي، ٽائيم نيوز جي پروگرام ٽائيم لائين ۾ ميزبان اسد ممتاز سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته بحريه واقعي ۾ ٿيل گرفتارين بابت بلاول ڀٽو زرداري جي بيان کي سنجيده نه ٿا وٺون، جيڪڏهن آصف زرداري بيان ڏئي ها ته سنجيده وٺون ها، هن مطالبو ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت بحريه ٽائون وٽان مليل پيسا سنڌ کي ڏنا وڃن،جلال شاهه چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ جيتري زمين بحريه ٽائون کي مليل آهي، ان جي گوگل وسيلي نشانيون لڳائي ميپنگ ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته مختيارڪارن جي رڪارڊ ۾ ڦير ڦار ٿيل آهي، وڌيڪ والار کان بچڻ لاءِ گوگل ميپنگ ذريعي نشان لڳرايا وڃن، هڪ سوال جي جواب ۾ سيد جلال محمود شاهه چيو ته جي ڊي اي يا پي ٽي آءِ مان ڪنهن به رابطو ناهي ڪيو، سنڌ ايڪشن ڪاميٽي طرفان اڄ کان سموري سنڌ ۾ عوامي ميڙاڪا شروع ڪيا ويندا.