حيدرآباد: سياسي اڳواڻ جي قتل جي ڏوهه ۾ جوابدار کي موت جي سزا

0
253
مزدورن تي تشدد واقعي جو ايس ايڇ او خلاف ڪيس داخل
مزدورن تي تشدد واقعي جو ايس ايڇ او خلاف ڪيس داخل

حيدرآباد: ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ سياسي تنظيم جي اڳواڻ کي قتل واري الزام ۾ ڏوه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت جوابدار عبدالحق عرف بجلي مشوري کي سزا سان گڏ هڪ لک رپيا ڏنڊ به ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو .

10 سال اڳ هٽڙي پوليس جوابدار خلاف نوجوان وزير علي مشوري جي قتل جو ڪيس داخل ڪرايو هو ته ڀاءِ سياسي تنظيم جو يونٽ کوليو جنهن تان مڇرجي کيس جوابدار عبدالحق ۽ سندس ساٿين قتل ڪيو. 2010ع دوران ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدار لاڳيتو روپوش هو جنهن کي ڪجهه عرصو اڳ پوليس گرفتار ڪري عدالتي حڪم تحت جيل اماڻيو هو