حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن ۽ سيوا وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ختم نه ٿي سگهي. سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن پاران سيوا جي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ اولڊ ڪئمپس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي سيوا اڳواڻ محمد علي گهانگهرو، ذوالفقار رستماڻي، امداد کوسو ۽ ٻين چيو ته عيد الفطر تي ملندڙ ليو ايڪيشمينٽ ۽ ڊفرنس جي رقم ادا رڻ بدران يونيورسٽي انتظاميا ملازمن جي ماهوار پگهار مان گئس جي مد ۾ ڪٽوتي ڪري ڇڏي آهي، جيڪو عمل ملازم دشمن آهي، هن چيو ته وي سي ملازمن سان ناانصافيون ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته عيد تي ليو ايڪيشمينٽ ۽ 10 سيڪڙو وڌايل پگهار ۽ ڊفرنس هر ملازم جو حق آهي پر اهو حق ملازمن کي ڏيڻ بدران يونيورسٽي انتظاميا پاڻ کڻي رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته متاثرن کي ليو ايڪيشمينٽ، وڌايل پگهارون فوري طور تي ادا ڪيون وڃن.