احمدپور (ن پ ا ) ڳوٺ فتح علي چانڊيو ۾ ناليون اٿلڻ سبب گندو پاڻي گهٽين ۽ چونڪن چوراھن تي بيھجي ويو، ڳوٺاڻن وندرعلي چانڊيو، سعيد علي، ميسم علي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو ته پبلڪ ھيلٿ توڙي يوسي انتظاميه صفائي نه ٿي ڪرائي. وٽيس وٺي اسان جي گهٽين مان گندو پاڻي نيڪال ڪرائي نالين جي صفائي ڪرائي ڏني وڃي