حيدرآباد جي علائقي مرزاپور ۾ شڪارپور واسي پورهيت مبينا گهٽا ڏئي قتل

0
316
حيدرآباد جي علائقي مرزاپور

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي علائقي مرزاپور ۾ شڪارپور واسي پورهيت مبينا گهٽا ڏئي قتل، پورهيت نيڪ محمد بروهي جو گهر ٻاهران هٿ آيل لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيوويو

ان سلسلي ۾ وارثن جو چوڻ آهي ته نيڪ محمد رات دير سان فون تي ڳالهائڻ بعد ٻاهر نڪري ويو، گهڻي دير کانپوءِ ڳولا ڪئي ته گهر ٻاهران سندس لاش هٿ آيو

واقعي بابت پوليس جو چوڻ آھي تھ پورهيت جي ڳلي تي نشان آهي، لڳي ٿو کيس گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي، واقعي جي جاچ جاري آھي

ھي به پڙھندا

ٽنڊو الهيار ضلعي جي وڏن منشين سميت 22 پوليس آفيسر لائين حاضر