لانگ مارچ ڪيس: پوليس طرفان بدنظمي جو ذميوار عمران خان قرار

0
230
لانگ مارچ ڪيس: پوليس

اسلام آباد: آءِ جي اسلام آباد تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ بابت ڪيس ۾ پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي

اسلام آباد پوليس جي رپورٽ موجب عمران خان مظاهرين کي ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي هدايت ڪئي ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪمن باوجود مظاهرين ريڊ زون ۾ داخل ٿيا، جنهن دوران 700 کان 800 مظاهرين ريڊ زون ۾ داخل ٿيا

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ريڊ زون ۾ مظاهرين جي داخل ٿيڻ دوران 21 شهري زخمي ٿيا، پوليس مظاهرين کي روڪڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ڪيو، تحريڪ انصاف جا ڪارڪن هٿيارن سان ليس هئا، اڪثر ڪارڪنن جي هٿن ۾ ڏنڊا به هئا

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان وڊيو پيغام ۾ ڪارڪنن کي ڊي چوڪ پهچڻ جو چيو، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳوو ڪندڙ ادارن مظاهرين کي روڪڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پر مظاهرين ڪنٽينرز ۽ ٻيون رڪاوٽون هٽائي ڇڏيوننظر اچي ٿو ته اسپيڪر

رپورٽ موجب فواد چوڌري، زرتاج گل، سيف الله نيازي ۽ عمران اسماعيل سميت ٻيا اڳواڻ ڪارڪنن کي ڀڙڪائي رهيا هئا

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف جو ڪوبه ڪارڪن ايڇ 9 گرائونڊ نه پهتو ۽ تحريڪ انصاف جو چيئرمين سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود ايڇ 9 گرئاونڊ نه ويو

پوليس رپورٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي لانگ مارچ واري ڏينهن ڊي چوڪ تي ٿيل بدنظمي جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي

آءِ جي اسلام آباد رپورٽ سان گڏ پي ٽي آءِ اڳواڻن جون وڊيو ڪلپ ۽ ٽوئٽر پيغام به عدالت ۾ ڏنا آهن

ھي به پڙھندا

پي ٽي آءِ لانگ مارچ لاءِ سُپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي