حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ريشم بازار واري علائقي ۾ اوچتو هڪ گهر کي باهه وڪوڙي وئي. باهه سبب گهر ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته محمد نالي شخص جي گهر ۾ باهه بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب لڳي جنهن کي وسائڻ لاءِ فائربرگيڊ کي اطلاع ڏنو ويو. فائر برگيڊ عملي پهچي باهه تي ضابطو آندو. گهر ڌڻي جو چوڻ آهي ته باهه سبب سندس گهر ۾ پيل الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو آهي. رابطو ڪرڻ تي سٽي پوليس باهه واقعي کان لاعلمي جو اظهار ڪري ڇڏيو.