لاهور (م ڊ) پنجاب ۾ امڪاني چونڊن لاءِ مسلم ليگ نواز جي مرڪزي اڳواڻن حمزه شهباز شريف ۽ مريم نواز کي آزاد اميدوار طور نشان الاٽ  ڪيا ويا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب پارٽي ٽڪيٽ جمع نه ڪرائڻ تان ٻنهي کي پارٽي جو چونڊ نشان نه ملي سگھيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته مريم نواز کي ٻن تڪن تان پيالي ۽ تندور جو نشال الاٽ ڪيو ويو  جڏهن ته حمزه شهباز شريف کي هڪ تڪ تان مور ٻئي تان ٻيڙيءَ جو نشان الاٽ  ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته مريم نواز ٻن تڪن پي پي 149 ۽ پي پي 173 تان چونڊ وڙهي رهي آهي، جڏهن ته حمزه شهباز شريف پي پي 146 ۽ 147 تان چونڊ وڙهندو. ياد رهي ته پنجاب ۾ چونڊون 14 مئي تي رٿيل آهن.