اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ادارن خلاف بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت منظور ڪري ورتو، عدالت هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض عمران خان جي 3 مئي تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي، ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل دليل ڏيندي چيو ته عمران جي درخواست ايندي ئي ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿي ويندي آهي، اهو تاثر ختم ٿيڻ گهرجي ته طاقتور شخص کي رليف ملندو آهي، ڪنهن الله ڏتي جي درخواست کي به عمران وانگر ڏسڻ گهرجي، جنهن تي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته ٻن الله ڏتن جون درخواستون اڄ ئي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون آهن، ڪڏهن ايئن ٿيو آهي جو اوهان ڪنهن الله ڏتي لاءِ پيش ٿيا هجو ۽ اها درخواست ٻڌي نه وئي هجي، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته عمران به هڪ شهري آهي ان جا به حق آهن. پي ٽي آءِ چيئرمين سخت سيڪيورٽي انتظامن هيٺ گاڏين جي قافلي جي صورت ۾ لاهور کان اسلام آباد پهتو، هاءِ ڪورٽ ٻاهران گاڏين کي روڪيو ويو، ميڊيا جي گاڏين کي به اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو.