حافظ حمد الله جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ۽ سندس شهريت ختم ڪرڻ وارو نادرا جو حڪم ڪالعدم قرار

0
405

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حافظ حمد الله جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ۽ سندس شهريت ختم ڪرڻ وارو نادرا جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، نادرا جو فيصلو اختيارن جِي اورانگهه قرار، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حافظ حمد الله جي شهريت ختم ٿيڻ واري فيصلي تي محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته هي عمل انساني حقن جي ڀڃڪڙي جو بدترين مثال آهي، نادرا کي کوڙ ڀيرا سمجهايو آهي ته ائين نه ڪريو، ملڪ ۾ آئين ۽ قانون موجود آهي، ائين نه ٿيڻ گهرجي ته توهان ڪنهن به شهري جي شهريت ختم ڪري ڇڏيو.