قبوسعيدخان (ن پ ا) بلوچستان جي علائقي جهل مگسي ليويز ٿاڻي حد ڳوٺ تمبيلا ۾ جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي گهر واري مسمات (ش ) ۽ نوجوان راجا خان کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فائرنگ ڪندو فرار ٿي ويو، اطلاع تي ليويز پوليس پهچي ٻنهي ڄڻن جا لاش پنهنجي تحويل وٺي جهل مگسي اسپتال منتقل ڪيا، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، ان حوالي سان ليويز انچارج فداحسين مگسي ٻڌايو ته جوابدار ڪارنهن الزام مڙهي قتل ڪري گهر ڇڏي فرار ٿي ويو آهي، جلد کيس گرفتار ڪيو ويندو، جڏهن ته قتل جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.