جگن ڪاظم جي شو ۾ اعتراض جوڳي مواد تي پيمرا جو ايڪشن

0
295

اسلام آباد (شوبز نيوز) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) مارننگ شو ۾ اعتراض جوڳو مواد نشر ڪرڻ تي نجي ٽي وي چئنل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.پيمرا طرفان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري مختصر پڌرائيءَ ۾ نجي چئنل کي نوٽيس جاري ڪرڻ بابت ٻڌايو ويو.پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته پيمرا مارننگ شو ”مارننگ ود جگن“ ۾ نامناسب ۽ اعتراض جوڳو مواد نشر ڪرڻ تي چئنل کي سبب ڄاڻايو نوٽيس جاري ڪيو آهي ۽ 7 ڏينهن ۾ جواب طلب ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي ميزبان جگن ڪاظم جي مارننگ شو جي هڪ ويڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.ويڊيو ۾ مارننگ شو جي گيم سيگمينٽ ۾ شامل مردن ۽ عورتن کي تڪراري مقابلي طور ڏٺو پيو وڃي.ڄاڻايل ويڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي مارننگ شو جي بائيڪاٽ جو هيش ٽيگ ٽرينڊ ڪندو رهيو ۽ جگن ڪاظم خلاف ڪارروائي جو مطالبو پڻ ڪيو ويو.