جيڪب آباد ۾ ملبي هيٺان دٻجي پورهيت فوت

0
205

جيڪب آباد(ن پ ا) جيڪب آباد جي سول لائن ٿاڻي جي حد ۾ ھوٽل ڊاھڻ دوران چاپڙ ڪرڻ تي مزدور دٻجي ويو، ملبي ھيٺان دٻيل مزدور کي ڪيترن ئي ماڻهن اچي ٻاهر ڪڍي چنگچي رڪشا تي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي  زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جنهن جي سڃاڻپ جوڙيا چوڪ واسي 40 ورهين جي اعجاز بروهي طور ٿي آهي، واضح رهي ته ضلعي انتظاميا نجي ھوٽل کي حد دخليون ڄاڻائي ڊاھي پٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن جي ڊاھڻ جو ڪم ھڪ مھيني کان ھلي رھيو آھي.