جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ سرڪاري ايراضين تي قبضي جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، پراسيڪيوٽرز جي پلاٽ تي بااثر پاران دڪانن جي اڏاوتن جو ڪم شروع. خبر موجب جيڪب آباد ۾ سرڪاري ايراضين تي قبضو ڪرڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي، جوڙيا چوڪ تي پراسيڪيوٽرز جي بنگلن آڏو پيل خالي پلاٽ ي بااثر پاران قبضو ڪري دڪانن جي اڏاوتن جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، دڪان اڏاوت ڪندڙ بااثر عبدالله لاشاري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پلاٽ 50 سالن کان سندن وڏن جي ملڪيت آهي، جنهن تي دڪانن جو ڪم ڪرائي رھيو آھيان. ان سلسلي ۾ مختيارڪار جيڪب آباد عباس سڌايو ٻڌايو ته اھو ٽي جريب پلاٽ 30 سال اڳ روينيو کاتي خريد ڪيو هو، جنھن تي سرڪاري وڪيلن لاءِ بنگلا اڏيا ويا آهن، سرڪاري پلاٽ تي بااثر دڪان اڏي رھيو آھي، جيڪي غيرقانوني آهن،