لکي غلام شاهه (ن پ ا) رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ شھپور ڀرسان راجهن ڪمالاڻي ۽ ڪلو سعدخاناڻي وچ ۾ ڪارنهن تڪرار تان هڪ ڀيرو ٻيهر ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي آهي، ان ڏس ۾ ٻنهي ڌرين جي هٿياربندن هڪٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت ۽ هڪ مرد علي خان عطراڻي زخمي ٿي پيا، جن مان نوجوان جي مارجڻ جا افواهه گردش ڪندا رهيا پر آخري اطلاعن تائين قتل جي تصديق نه ٿي سگهي هئي، واضح رهي ته ڪارنهن تڪرار جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت هن وقت تائين 6 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن.