جيڪب آباد/ ڪنري (نمائندن وٽان) جيڪب آباد جي چنا پاڙي ۾ ڇتي ڪتي 6 ورهين جي عبدالمعز تنولي تي حملو ڪري زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ويڪسين اڻلڀ هئڻ سبب نينگر کي نجي سينٽر منتقل ڪري ويڪسين ڪرايو ويو زخمي نينگر جي والد جو چوڻ آهي ته نينگر کي سول اسپتال آندو ويو جتي ويڪسين نه ملي ڪتي جي ڏاڙهڻ سبب پٽ خوف ۾ ورتل آهي هن چيو ته ڪتا مار مهم نه هلڻ سبب شهر ۾ ڪتا وڌي ويا آهن هن ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته ڪتا مار مهم هلائي وڃي.ڪنري ڀرسان رولو ڪتن حملا ڪري  3 ٻارڙن کي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين ۾ 10 سالن جو وسيم خاصخيلي، 8 ورھين جو ھريش ڪولھي ۽ 11 ورھين جي سيتا ڪولھي شامل آهن.