بهرام ( ن پ ا ) بهرام ٿاڻي جي حد وارھ بئراج پل تي فروٽ وڪرو ڪرڻ لاءِ صندل رکڻ تان ڪيبن مالڪ جاويد مگسي ۽ رمضان مگسي ۾ ھڪ ڏينهن اڳ ٿيل ماري منهن تان ڌريون وڙهي پيون، دڪاندارن قرآن پاڪ کڻي اچي بيهي رهيا، پوليس هڪ ڌر جي زخمي بهادر مگسي ،ساجد، غلام محمد، رمضان، جاويد، زاهد ۽ ٻئي ڌر جي زخمين جاويد ،شمس الدين،نادر، رانجهن، ظفر، عامر ، خالد  سميت 14 ڄڻن کي ميڊيڪل لاءِ ليٽر ڏئي تعلقه اسپتال ميروخان روانو ڪيو، ٽن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، درگاھ حاڪم علي شاھ جي گادي نشين علي حيدر شاھ ۽ علائقي جي معزيزن ڌرين کي ٻيهر جهيڙو ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪئي.