جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد لڳ بُھه سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ۽ ٽرڪ اوور ٽيڪ دوران ڪلٽي، پورھيت پيءُ پٽ دٻجي فوت، ھڪ زخمي. خبر موجب ٺل روڊ تي بُھه سان ڀريل ٽرڪ ۽ ٽريڪٽر اوور ٽيڪ دوران ٽڪرائجي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ ٽريڪٽر ڪلٽي ٿي پيو، جنهن مٿان ٽرڪ به ڪري پيو، حادثي جي نتيجي ۾ شڪارپور جي ڳوٺ ابراهيم جتوئي واسي ٽريڪٽر ڊرائيور 45 ورھين جو غلام قادر گولو ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 20 ورھين جو سندس پٽ قمرالدين گولو بُھه هيٺان دٻجي ويو، جنهن کي بيھوشي جي حالت ۾ ڪڍي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. پيءُ پٽ جي فوت ٿيڻ جي اطلاع تي وڏي انگ ۾ وارث پھچي ويا ۽ اسپتال ۾ روڄ راڙو مچي ويو، ٻنهي ڄڻن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.