لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ هندو ناري پاران گهران نڪري مذهب تبديل ڪري ڪراچي واسي نوجوان سان پسند جو پرڻو ڪرڻ وارو معاملو، ناري آرتي عرف عائشه عدالت ۾ پيش، 164 جي بيان بعد عدالت ناري کي مڙس سان رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ناري سخت سيڪيورٽي هيٺ سهري سان گڏ ڪراچي رواني، ناري جي پيشي دوران هندو برادري جو احتجاج. خبر موجب گذريل 3 اپريل تي لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر آباد پاڙي مان مبينا طور اغوا ڄاڻايل ناري آرتي ڪراچي ۾ مذهب تبديل ڪري نوجوان محمد فواد سان پسند جو پرڻو ڪيو هو، ڪالهه ناري آرتي عرف عائشه کي سخت پوليس پهري هيٺ دارالامان مان ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج نياز حسين سومرو جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي ناري 164 جو بيان قلمبند ڪرائيندي چيو ته هن پنهنجي رضا خوشي ۽ بنا ڪنهن دٻاءَ جي ڪراچي واسي محمد فواد سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي، شادي بعد پنهنجي مڙس محمد فواد سان گڏ رهڻ چاهيان ٿي. اهڙي بيان بعد عدالت ناري آرتي عرف عائشه کي پنهنجي مڙس سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، جنهن کان پوءِ سخت پوليس پهري هيٺ ناري کي سندس سهري ڊاڪٽر ابصار حوالي ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ ناري سهري سان گڏجي ڪراچي رواني ٿي وئي. هوڏانهن ناري آرتي عرف عائشه جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي اطلاع تي هندو برادري جا ڪيترائي ماڻهو پهچي ويا جن طرفان احتجاج پڻ ڪيو ويو. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ ڪلپنا ديوي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آرتي جي نڪاح نامي کي ڏسو، سندس عمر جي تصديق نه ٿي آهي، نه ئي سندس جو شناختي ڪارڊ ٺهيل آهي ۽ نه ئي سندس ميڊيڪل ڪرائي وئي، آرتي جو عدالت ۾ 164 واري بيان مان پوليس جي بدنيتي ظاهر پئي ٿئي. هن چيو ته ڪا ڇوڪري ننڍپڻ کان پنهنجي والدين سان گڏ رهي ٿي ۽ پنجن ڏينهن ۾ هوءَ ڦري بيهي رهي ٿي. هن چيو ته ڪجهه عرصو اڳ سنڌ حڪومت سنڌ اسيمبلي ۾ زبردستي مذهب تبديل ڪري شادي واري معاملي تي بل پيش ڪرڻ پئي چاهيو پر ڪجهه ماڻهن کي خوش ڪرڻ جي لاءِ ان بل کي روڪيو ويو، جنهن ڪري اڄ ڏينهن تائين مسلسل اهڙي قسم جا واقعا پيش اچي رهيا آهن. هن چيو ته هن وقت آرتي جي والدين سان ڇا پيو گذري، اهو سڀ ڪو ڄاڻي ٿو. هن چيو ته ائين لڳي ٿو ته اسين هن ملڪ جا شهري نه آهيون ۽ اسين ٻئي مخلوق جا ماڻهو آهيون.