جيڪب آباد (رپورٽر) اي ڊي سي ون ايڊمنسٽريٽر ميونسپل ڪاميٽي ذوالفقار علي دائود پوٽو خلاف ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن آفيسن جي تالا بندي ڪرڻ بعد ايڊمنسٽريٽر آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو ۽ ٻن ڪلاڪن تائين علامتي بک هڙتال تي ويهي رهيا. ايڊمنسٽريٽر ھٽايو ميونسپل بچايو جھڙي سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي نصر الله ڊومڪي، سليم پيچوھو ۽ ٻين دانھيندي چيو ته گذريل بجيٽ ۾ واڌ ڪيل پگهارون جاري نه ڪيون ويون جنهن جي ست مھينن جي ڊفرنس بل به رهيل آهي ھن سال جي بجيٽ ۾ وڌندڙ پگهارن مان ملازم محروم آهن پر ايڊمنسٽريٽر فنڊ نه ھئڻ جو جواز ڄاڻائي پگهارون ڏيڻ کان منع ڪري ڇڏيو ھنن الزام مڙهيو ته ميونسپل جي من پسند ٺيڪيدارن کي ٻه ٻه ڪروڙ جي پيمنٽ ڪرڻ لاءِ پئسا آهن پر ميونسپل جي ملازمن لاءِ بجيٽ جي کوٽ ڏيکاري پئي وڃي جيڪا سراسر زيادتي آهي ھنن مطالبو ڪيو ته فورن ملازمن ۽ پينشرن کي واڌو پگهارون ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.