جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ نوجوان ڄام مستوئي کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن ڀائرن جوابدار عبدالحفيظ، شاھه محمد، الھورايو مستوئي سميت الھڏنو ۽ قيصر مستوئي کي عمر قيد ۽ 5/5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ ھڪ ھڪ سال قيد جي سزا ڀوڳيندا، جڏهن ته عدالت ساڳئي ڪيس ۾ جوابدارن کي اراده قتل جي سيڪشن ۾ الڳ سان 5/5 سال قيد 50/50 ھزار ڏنڊ جي سزا جي به ٻڌائي آهي، عدالت نوجوان ڄام مستوئي جي قتل ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل رضا محمد ۽ گل حسن تي ڏوھه ثابت نه ٿيڻ تي باعزت بري ڪري ڇڏيو، قتل ڪيس ۾ 2 جوابدار محمد صلاح ۽ ميھر روپوش ڄاڻايل آهن.