شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ عدالتي حڪم تي پوليس پرڻيل ناري کي مائٽن وٽان بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو، بيان بعد مڙس حوالي. ان ڏس ۾ ڳوٺاڻي پاران زال کي ناحق قيد ڪرڻ واري عدالت ۾ داخل ڪرايل درخواست بعد پوليس عدالتي حڪم تي جٽيا پاڙي ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هڻي مائٽن وٽ مبينا قيد ڄاڻايل پرڻيل ناري مومل کي بازياب ڪرائي ورتو. بازياب ڪرايل ناري کي ايڊيشنل سيشن جج مسٽر عاصم جميل ميمڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي ناري پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته عبدالحڪيم چانڊيو سان شادي ڪئي آهي شادي جو نڪاح نامو پڻ موجود آهي، مائٽن زبرستي پاڻ وٽ قيد ڪري ڇڏيو آهي، پنهنجي مڙس سان گڏ رهڻ چاهيان ٿي. عدالت سڳوري بيان بعد ناري کي مڙس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالتي حڪم کانپوءِ پوليس لک پڙهه بعد ناري کي مڙس حڪيم چانڊيو حوالي ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ درخواستگذار ڳوٺ مانجهي چانڊيو واسي حڪيم چانڊيو ٻڌايو ته مومل سان شادي ڪئي آهي مائٽن ۾ گهمڻ لاءِ وڃڻ بعد مائٽن کيس ناحق ويهاري ڇڏيو. جنهن بعد انصاف لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو آهي.