ميرپورخاص (ڪورٽ رپورٽ) ٽن ڌار ڌار درخواستن تي مختلف زميندارن وٽ نجي جيل ۾ قيد عورتن ٻارن سميت 35 هاري ۽ پورهيت بازياب عدالت ۾ پيش، عدالت پاران مرضي موجب زندگي گذارن جي اجازت، ان ڏس ۾ جيرام ڪولهي پاران زميندار نواب خرم خلاف سندس 24 گهر ڀاتين کي قيد ڪرڻ خلاف سيشن ڪورٽ ۾ درخواست ڏني، ٻئي پاسي تعلقي ٿاڻي جي حد جي رهواسي پورهيت موهن ڪولهي بٺي مالڪ تصور ۽ طاهر قائمخاني خلاف سندس 8 گهر ڀاتين کي جبري پورهئي تحت قيد رکڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي ۽ ٻئي پاسي جهلوري جي رهواسي ڪونڀو ڀيل پاران زميندار جي قيد ۾ سندس 3 ڀاتين جي بازيابي لاءِ عدالت ۾ درخواست ڏنيون، جن درخواست گذارن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته زميندار ۽ بٺي مالڪ جبري پورهيو ڪرائيندا هئا ۽ حساب ڪتاب نه ڪندا هئا، حساب ڪتاب ڪرڻ جي مطالبي تي گهر ڀاتين نجي جيلن ۾ قيد ڪري ڇڏيا آهن، انهن کي بازياب ڪرايا وڃڻ، جنهن بعد عدالت حد جي پوليس کي سمورا قيدي بازياب ڪرائڻ جا حڪم ڏنا ،جنهن بعد مختلف ٿاڻن جي پوليس ڄاڻايل هارين کي بازياب ڪرائي عدالتن ۾ پيش ڪيا، جتي عدالت سمورن پورهيتن کي مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، بازياب ٿيلن ۾ مسمات چنتا، نارائڻ، هري، خميسو، ڌرمون ، شگهن، اشوڪ ، ڪيسري، ڪيڪو، پرڪاش، راجا، سومري رائيمل سني ۽ ٻيا شامل آهن.